”هي شهر ماءُ جيان آهي“ ماهرا خان سنڌ جي دل ڪراچي جي تعريف ڪري دليون کٽي ورتيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا ماهرا خان سنڌ جي دل ڪراچي جي تعريف ڪري سڀني جون دليون کٽي ورتيون.
پنهنجي ايندڙ فلم ”نيلوفر“ جي مشهوري لاءِ ڪراچي ۾ ٿيندڙ پريس ميٽ ۾ ماهرا خان ۽ فواد خان گڏ نظر آيا.
ان موقعي تي صحافي ماهرا خان کان سوال ڪيو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته کين ڪراچي اچڻ پسند ناهي، توهان هن شهر لاءِ ڇا چوڻ چاهيندا؟
ماهرا خان جواب ڏيندي چيو ته مان ڪراچي ۾ ڄائي آهيان ۽ هتي ئي وڏي ٿي آهيان ۽ اهو منهنجي زندگي جو سڀ کان خاص حصو آهي.
هن چيو ته هر انسان پنهنجي شهر سان محبت ڪندو آهي، ڇو ته ان سان يادون سلهاڙيل هونديون آهن، هي شهر منهنجي جذبن سان جڙيل آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ماءُ جيان آهي، جيڪو پنهنجون ٻانهون کولي سڀني جي آجيان ڪندو آهي، ماڻهو ڪراچي سان سٺو نٿا ڪن پر هي شهر پوءِ به انهن کي معاف ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ٻيهر ڀاڪر پائيندو آهي، چوندو آهي ته واپس اچو، اها ئي ڪراچي جي اصل خوبي آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪارا صبا قمر ڪراچي جي حوالي سان تڪراري بيان ڏنو هو، جنهن تي مٿس سخت تنقيد ڪئي وئي.
صبا قمر کان هڪ انٽرويو دوران پڇيو ويو ته ڇا هوءَ ڪڏهن ڪراچي منتقل ٿيندي؟ جنهن تي اداڪارا چيو ته الله معاف ڪري! مون کي ڪراچي پسند ناهي ۽ اسلام آباد يا لاهور کي ترجيح ڏينديس.
ياد رهي ته ماهرا خان ۽ فواد خان جي فلم ”نيلوفر“ 28 نومبر تي سينيما گهرن جي زينت بڻجندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.