”پيٽرسن يا آفريدي“ بابر جي سينچري ۾ ڪنهن جو ڪردار؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار بيٽر بابر اعظم گذريل ڏينهن 83 اننگز جي ڊگهي انتظار کانپوءِ نيٺ انٽرنيشنل سينچري اسڪور ڪري ورتي.
سريلنڪا خلاف ٻي ون ڊي ۾ سينچري اسڪور ڪرڻ تي بابر اعظم کي ساٿي رانديگرن، اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ مداحن طرفان مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.
اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو ته ”هن مون سان جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورو ڪيو ۽ توهان هر اسٽروڪ سان ان جو اعتماد ڏسي سگهو ٿا، بال سندس بيٽ تي خوبصورتي سان اچي رهيو هو، هڪ حقيقي چيمپيئن جي اننگز“.
اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر ڪيون پيٽرسن پنهنجي يوٽيوب شو جي رڪارڊنگ دوران نيٽ پريڪٽس سيشن ۾ بابر اعظم جي ورتل تصوير پوسٽ ڪئي ۽ مزاحيا انداز ۾ لکيو ته ”مون سان ڪيل نيٽ سيشن بابر اعظم کي سينچري ٺاهڻ ۾ مدد فراهم ڪئي“.
واضح رهي ته بابر اعظم آخري انٽرنيشنل سينچري آگسٽ 2023 ۾ ٺاهي هئي.
بابر اعظم پاڪستان طرفان سڀ کان 20 سينچرين جو سعيد انور جو رڪارڊ پڻ برابر ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.