جسٽس منصور ۽ اطهر من الله کانپوءِ هڪ ٻئي جج استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي ججن جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزا به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
جسٽس شمس محمود مرزا پنهنجي استعيفيٰ صدر کي موڪلي ڇڏي، هن 22 مارچ 2014 ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل جج جي حيثيت سان حلف کنيو ۽ 2028 ۾ رٽائر ٿيڻو هو، جسٽس شمس محمود مرزا سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس ضيا محمود مرزا جو پٽ آهي.
27هين آئيني ترميم کانپوءِ جسٽس شمس محمود مرزا جي بدلي جو امڪان هو، هو لاهور هاءِ ڪورٽ جي انتظامي ڪميٽي جو ميمبر پڻ هو.
واضح رهي ته هلندڙ سال جنوري ۾ جسٽس شمس محمود مرزا خلاف سرڪاري وڪيل طرفان سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ هڪ ريفرنس به داخل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.