سيد اويس قادر شاهه پاران ايس آءِ يو ٽي سکر جو دورو، ترقياتي ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت

سکر (پ ر) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ايس آءِ يو ٽي سکر جو دورو ڪري مختلف شعبن جو جائزو ورتو.
سيد اويس قادر شاهه دوري دوران علاج هيٺ مريضن جي عيادت ڪئي، هن انتظاميا ۽ عملي سان ملاقات پڻ ڪئي.
سنڌ اسيمبلي اسپيڪر کي اسپتال انتظاميا مختلف شعبن بابت بريفنگ ڏني، سيد اويس قادر شاهه جاري ترقياتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ انتظاميا کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.
هن چيو ته مريضن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي پھرين ترجيح آهي، جديد سهولتن موجب ٺهيل ايس آءِ يو ٽي اسپتال کي وڌيڪ جديد بڻايو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته صحت جي شعبي ۾ ايس آءِ يو ٽي جون خدمتون مثالي آهن، سنڌ حڪومت جو فلاحي مشن هر ممڪن حد تائين جاري رکيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.