ڪراچي: جناح اسپتال جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينيٽر (جي پي ايم سي) جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول دل جو دورو پوڻ سبب 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
جي پي ايم سي ڪميونٽي سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو هڪ انتهائي قابل ۽ پيشيور جنرل سرجن هو، جنهن مهارت، ايمانداري ۽ همدردي سان ڪم ڪيو.
جي پي ايم سي جي وائس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ چيو ته ڊاڪٽر شاهد رسول جون صحت جي شعبي ۽ ميڊيڪل تعليم لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن، سندس پيشيوراڻي صلاحيت ۽ مهربان شخصيت هميشه ياد رهندي.
هن ڊاڪٽر شاهد رسول جي مغفرت لاءِ دعا ڪندي چيو ته الله پاڪ پونيئرن کي صبر جي توفيق ڏئي.
واضح رهي ته ڊاڪٽر شاهد رسول جي جنازي نماز سڀاڻي جناح اسپتال ۾ ادا ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.