صدر پاران جسٽس منصور ۽ جسٽس اطهر من الله جون استعيفائون منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون.
27هين ترميم جي معاملي تي جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان پنهنجي عهدن تان استعيفائون ڏنيون هيون، ٻنهي ججن پنهنجون استعيفائون صدر کي موڪليون هيون.
ايوان صدر جي پڌرائيءَ موجب صدر آصف علي زرداري ٻنهي ججن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.