منصور علي شاهه جج ناهي رهيو ته ڪو فرق نٿو پئي: سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر هارون رشيد ايڊووڪيٽ چيو آهي ته جسٽس منصور علي شاهه جج ناهي رهيو ته ڪو فرق نٿو پئي، ان کي گهڻو اڳ استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها.
پنهنجي بيان ۾ هارون رشيد ايڊووڪيٽ چيو ته سسٽم جي نه هلڻ جو بنياد جسٽس منصور علي شاهه ئي رکيو هو، ان جا جونيئر جج به قابل آهن، جيڪي ان جي جاءِ وٺندا.
هن چيو ته ماڻهن جي پنهنجي راءِ آهي، ڪجهه آئين ۾ ترميم جي حق ۾ آهن ته ڪجهه خلاف پر پارليامينٽ سپريم آهي ۽ آئين ۾ ترميم ان جو حق آهي، پارليامينٽ ۾ قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ ڪابينا شامل آهي، ججن جي چوڻ تي قانون سازي ناهي ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته هڪ ڀيرو ٻيهر خط لکيا ويا، افسوس آهي ته ڪجهه جج پنهنجي مرضي جو قانون چاهين ٿا، عدليا تي ڪا پابندي ناهي لڳي، جسٽس منصور علي شاهه استعيفيٰ ڏئي سٺو فيصلو ڪيو.
هن چيو ته انفراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن جو فائدو نه ٿيندو، ججن جون مقرريون آئين موجب ٿي رهيون آهن، آئين ۾ جيڪا ترميم ڪئي وئي آهي، ان تي عملدرآمد ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.