سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز ۽ ٽي ملڪي ٽورنامينٽ جي شيڊيول ۾ تبديلي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سريلنڪا سان ون ڊي سيريز جي باقي ٻن ميچن ۽ ٽي ملڪي ٽورنامينٽ جو شيڊيول تبديل ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي سيريز جون رهيل ميچون هاڻ 14 ۽ 16 نومبر تي کيڏيون وينديون.
پي سي بي ٻڌايو آهي ته 3 ملڪي سيريز جون سموريون ميچون هاڻ راولپنڊي ۾ 18 کان 29 نومبر تائين ٿينديون، جنهن ۾ پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي جون ٽيمون ايڪشن ۾ نظر اينديون.
واضح رهي ته ان کان اڳ ٽي ملڪي سيريز جون ميچون 17 کان 29 نومبر تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ ٿيڻيون هيون.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته شيڊيول ۾ تبديلي جو فيصلو بورڊن جي مشاورت سان آپريشنل سببن جي بنياد تي ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.