اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه 13 صفحن تي ٻڌل استعيفيٰ ۾ سبب بيان ڪندي چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم آئين تي سنگين حملو آهي، 27هين آئيني ترميم سپريم ڪورٽ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي ۽ عدليا کي ورهائي ملڪ کي ڏهاڪا پوئتي ڌڪيو ويو آهي.
جسٽس اطهر من الله پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو آهي ته مان 27هين ترميم کان جي منظوري کان اڳ چيف جسٽس کي خط لکي ان ڳالهه تي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي ته ان ۾ تجويز ڪيل شقن جو اسان جي آئيني نظام تي ڪهڙو اثر پوندو، مان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج جي عهدي تان پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪيان ٿو، خدا ڪري جيڪو به فيصلو ڪري اهو سچائيءَ سان ڪري.
واضح رهي ته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله 27هين آئيني ترميم تي خدشن جو اظهار ڪندي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط به لکيا هئا.
You might also like