اسلام آباد ڌماڪي جو سهولتڪار ۽ هينڊلر گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ڪچهري حملي جي سهولتڪار ۽ هينڊلر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ڪچهري حملي جو سهولتڪار گذريل هڪ مهيني کان راولپنڊي ۾ رهيل هو، جنهن کي راولپنڊي مان ۽ هينڊلر کي خيبر پختونخواهه مان گرفتار ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هينڊلر ۽ سهولتڪار دهشتگرد جو واسطو خيبر پختونخواهه سان آهي ۽ سيڪيورٽي ادارن ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب آپگهاتي ڌماڪي کان اڳ سهولتڪار ۽ آپگهاتي حملي آور ڪيترائي ڀيرا جڊيشل ڪامپليڪس جو جائزو ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.