ججن جا خط: چيف جسٽس 27هين آئيني ترميم تي فل ڪورٽ اجلاس گهرائي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سڀاڻي 27هين آئيني ترميم تي فل ڪورٽ اجلاس گهرائي ورتو.
سپريم ڪورٽ جي 3 سينيئر ججن طرفان خط لکڻ کانپوءِ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي 27هين آئيني ترميم بابت سڀاڻي فل ڪورٽ اجلاس سڏائي ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس سڀاڻي جمعي جي نماز کان اڳ ٿيندو، جنهن ۾ 27هين آئيني ترميم تي ڳالهايو ويندو.
واضح رهي ته جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس صلاح الدين پنهور چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکي 27هين آئيني ترميم تي فل ڪورٽ اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.