اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري 27هين آئيني ترميمي بل تي صحيحون ڪري ڇڏيون، جيڪو ٻنهي ايوانن مان منظور ٿي چڪو آهي، جنهن کانپوءِ بل هاڻ آئين جو حصو بڻجي ويو آهي.
قومي ۽ سينيٽ مان منظوري کانپوءِ سينيٽ سيڪريٽريٽ آئيني ترميمي بل 2025 پارلياماني معاملن واري وزارت کي موڪليو هو.
پارلياماني معاملن واري وزارت آئيني ترميمي بل صدر کي موڪليو، صدر جي منظوري کانپوءِ قانون واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.
You might also like