وفاقي ڪابينا اجلاس: ٽنهي سروسز ايڪٽس ۽ عدليا بابت قانونن ۾ ترميم جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا ٽنهي سروسز ايڪٽس ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي.
پڌرائيءَ موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستان آرمي ايڪٽ، پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ ۽ پاڪستان نيوي ايڪٽ ۾ ترميمن جي منظوري ڏني وئي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ترميمن جو مقصد پاڪ فوج بابت قانونن کي 27هين آئيني ترميم سان هم آهنگ ڪرڻ آهي.
پڌرائيءَ موجب ترميمن تحت جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو موجوده چيئرمين جي رٽائرمينٽ کانپوءِ ختم ٿي ويندو، جڏهن ته قانونن ۾ فيلڊ مارشل، مارشل آف دي ايئر فورس، ايڊمرل آف دي فليٽ جا عهدا به شامل ڪيا ويا آهن.
ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا فيڊرل ڪانسٽيٽيوشنل ڪورٽ (پروسيجر اينڊ پريڪٽس) ايڪٽ 2025 جي مسودي جي منظوري به ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.