فيلڊ مارشل جي ڪوششن سان سريلنڪن ٽيم دورو جاري رکڻ تي راضي ٿي: محسن نقوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته فيلڊ مارشل پاڻ سريلنڪا جي ڊفينس منسٽر ۽ سيڪريٽري سان ڳالهائي کين راضي ڪيو.
سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي محسن نقوي چيو ته سريلنڪن ٽيم جي واپس وڃڻ جي معاملي تي اسان انهن سان ڳالهايو ۽ سمورا خدشا ختم ڪيا، فيلڊ مارشل پاڻ سريلنڪا جي ڊفينس منسٽر ۽ سيڪريٽري سان ڳالهائي کين راضي ڪيو، سرينلڪن اٿارٽي کي خاطري ڪرائي وئي ته پاڪستان آرمي، رينجرز ۽ پوليس سيڪيورٽي سنڀالي رهي آهي، جنهن کانپوءِ سرينلڪن صدر پاڻ پنهنجي ٽيم سان ڳالهايو ۽ کين کيڏڻ لاءِ راضي ڪيو.
هن چيو ته سريلنڪن بورڊ ۽ رانديگرن وڏي بهادري سان هتي رهڻ ۽ کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سريلنڪن صدر، حڪومت، انهن جي بورڊ ۽ رانديگرن جو ٿورائتو آهيان.
سندس چوڻ هو ته وانا ۽ اسلام آباد ٻنهي واقعن ۾ افغان شهري ملوث آهن، ٻنهي واقعن ۾ ماڻهو افغانستان مان آيا، ان معاملي کي اسان حڪومتي سطح تي ڏسي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.