ڪراچي (ماريا اسماعيل) ڪراچي بار پاران اسلام آباد ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي ٻاهران بم ڌماڪي خلاف مڪمل هڙتال ڪري ڪارو ڏينهن ملهايو ويو .هڙتال سبب سٽي ڪورٽ ۾ عدالتي ڪاروايون مڪمل معطل ڪيون ويون . هڙتال سبب سٽي ڪورٽ جون سمورا مک دروازه بند ڪيا ويا, سائل دروازن تان واپس ٿي ويا.ٻئي پاسي ڪراچي بار پاران 27هين ترميم خلاف سٽي ڪورٽ ۾ وڪيل ڪنوينشن منعقدڪيو .جنهن ۾ ڪراچي بار، ملير بار سميت ملڪ جي ٻين بارز جي عهديدارن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي . ڪراچي بار جي نائب صدر ڪاظم مهيسر چيو ته 27ترميم ذريعي سنڌ کي تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي, سنڌ جي وسيلن جي لٽ ڦر ۽ قبضا ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي .غير قانوني ترميم واپس نه ورتي وئي ته سنڌ مان هڪ وڏي تحريڪ جي شروعات ٿي چڪي آهي .صمصام علي خان چيو ته اسان 26 ۽ 27 هين ترميم کي رد ڪريون ٿا .وڪيل اشرف سمون چيو ته جعلي ترميمون آڻي عدليا کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي, 26 ترميم ذريعي عدليا جي آزادي تي راتاهو هنيو ويو, 27 هين ترميم ذريعي سپريم ڪورٽ کي ختم ڪيو ويو آهي، بيريسٽر صلاح الدين احمد چيو ته اسان جي ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف انسٽيٽوشنل پاليسي ناهي هوندي پر هر ٻئي سال فرد واحد جي پاليسي ايندي آهي، حق نواز ٽالپر چيو ته اسان ملڪ جا مالڪ آهيون غلام ٿي نٿا سگهون . رشيد راڄڙچيو ته سولين بالادستي لاءِ روڊن تي اچڻو پوندو .عامر نواز وڙائچ چيو ته اسلام آباد وارو ڌماڪو وڪيل برادري کي ڊيڄارڻ هو، اسان ڪنهن به خوف ۾ اچڻ وارا نه آهيون، ٻڌو آهي ته سنڌ ۾ 144 قلم به لاڳو ڪيو ويو آهي، حڪومت کي 144 قلم لاڳو ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي،15 تاريخ تي 26 ۽ هين27 ترميم خلاف هڙتال ڪنداسين, سکر ۾ ڪنويشن بعد اڳتي جو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو