اسلام آباد(بيورو)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جي رڪن ارشد وهرا قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي ڪراچي شهر کي وفاق جي ماتحت آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،ارشد وهرا جو چوڻ هو ت ته سپريم ڪورٽ کان پاڪستان جو نالو به هٽايو ويو آهي، صدر کي استثنيٰ ڏيڻ جي ڳالهه ڪٿان آئي؟” هن وڌيڪ چيو ته مفتي تقي عثماني به هن استثنيٰ کي اسلام جي منافي قرار ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ ٽن مهينن ۾ انڊرپاس ٺهي وڃي ٿو، جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ هڪ انڊرپاس ٺاهڻ ۾ ڪيترائي سال لڳي وڃن ٿا ، شهر جي مسئلن تي ڪو ڌيان ناهي، تنهنڪري ڪراچي کي وفاق جي ڪنٽرول ۾ آندو وڃي ته جيئن شهر جا مسئلا حل ٿي سگهن۔. ان موقعي تي فاروق ستار تقرير ڪندي چيو آهي ته خدارا، سڀ اختيار پاڻ وٽ رکو، بس 130 شهرن ۾ زهران ممداني جهڙا ماڻهو ڏئي ڇڏيو، حڪومت هر وقت چوندي آهي ته اختيار منتقل ڪري ڇڏيا آهن، پر حقيقت ۾ ائين ناهي، اسان پنهنجي جمهوريت کي مضبوط نه پيا ڪري سگهون بلدياتي نظام لاڳو ڪريو