عمران خان ۽ شهبازشريف سويلين بالادستي جي تابوت ۾ ڪوڪا هنيا؟

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا)ميمو گيٽ تي پي پي پي حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ وڏي تڪرار جي شروعات ٿي ۽ معاملو سپريم ڪورٽ ۾غدارِي ڪميشن تائين پهچي ويو. اسان جي آمريڪا ۾ سفير حسين حقاني کي واپس گهرائي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو ان وقت پي پي پي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ عمران خان، نواز شريف ۽ عدليه فوج سان گڏجي راند ڪري رهيا هئا ۽ اهي ٽئي جنرل ڪياني ۽ پاشا سان گڏ هئا، جيڪي ڪيري لوگر بل  جي ڪري زرداري، گيلاني ۽ حسين حقاني کان ناراض هئا، ڇو ته انهي بل تحت تقريبا 7 ارب ڊالر پهريون ڀيرو  فوج بدران سول ادارن کي امداد طور ڏنيا پئي ويا،ان وقت يوسف رضا گيلاني چين جي اخبار کي انٽرويو ۾ چيو  هو ته اهي جرنيل آئين جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن۔ هن تي جنرل ڪياني سخت ناراض ٿي پيا ۽ هر هفتي هڪ وڏو رپورٽرن جو جٿوجي ايڇ ڪيو  ۾ هن جي درٻار تي حاضر ٿيندو رهيو، جيئن ٻڌايو وڃي ته اڳتي ڇا ڪرڻو آهي۔ميمو گيٽ دوران عمران خان جون تقرريون ٻڌو ته ڇا هو ان وقت جي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل شجاع پاشا سان گڏ بيٺل هئا يا زرداري/گيلاني جي پاسي؟ حقيقت اها آهي ته هو به جرنيلن جي راند ۾ حصيداربڻيل هو،ڊان ليڪس تي نواز شريف ۽ جنرل راحيل جي وچ ۾ به ٽڪراءُ  ٿيو ان ۾ مک سبب ملازمت مدي ۾ واڌ نه ڏيڻ هو، ان تي انڪوائري ٿي ۽ آءِ ايس پي آر ان انڪوائري رپورٽ تي رد عمل طور Twitter تي “Rejected” لکيو. نتيجي طور هڪ وقت آيو جتي جنرل، جج ۽ صحافي گڏ ٿيا ۽ نواز شريف برطرف ۽ جيل ويو. گيلاني به برطرف ٿي گهر موڪليو ويو. نواز شريف سان به ساڳيو حشر ٿيو  جيڪو هن  گيلاني خلاف ڪيو هو،جيئن عمران خان جنرل باجوا کي پنهنجي ڏهن سالن جي منصوبي تحت توسيع ڏني، تيئن زرداري-گيلاني ۽ هاڻ شهباز شريف به ڪنهن قدر اهڙي ئي ڪردار ادا ڪيو آهي۔باقي ڳالهه اها آهي ته عمران خان جن طريقي سان جنرل باجوا ۽ جنرل فيض کي حڪومت “ٺيڪي” طور ڏني هئي، ۽ پارليامينٽ کي هڪ ISIڪرنل هلائيندو هو  اهڙي تاريخي مثال جي ڳولا ڪجي ته اڄ جي موجوده وزيراعظم شهباز شريف سان تشبيهه ڪجي سگهي ٿي،ٻنهي(عمران خان ۽ شهباز شريف) سويلين بالادستي جي تابوت ۾ آخري ڪوڪا هنيا عمران خان اقتدار جي طلب ۾  جنرلن سان گڏجي هي راند شروع ڪئي ۽ هاڻ شهباز شريف انهي راند کي چوٽ تي پهچايو آهي۔توهان پنهنجي ذهني سڪون لاءِ 2018 کان اڳ جي سياسي تاريخ پڙهندا رهو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 12 نومبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.