اسلام آباد(زاهد گشڪوري+حماد حسن+ثناءُ الله خان)پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل ترميم عوام سان نه پر طاقتورن سان لاڳاپيل آهي۔ عوام جي مسئلن جهڙوڪ دهشتگردي، مهانگائي، يا صوبن جي مالي وسيلن تي ڪو به بحث نه ٿيو۔ سموريون ڳالهيون استثنيٰ، عهدن جي حفاظت، ۽ اختيارن جي دائمي تحفظ بابت هيون،پاڪستان ۾ هاڻي پراڻي ريت “جيل ڀري لوٽا بڻايو” واري سياست ختم ٿي چڪي آهي، هاڻي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پراڪسيز کي سياسي پارٽين ۾ ويهاري ٿي، جيڪي ضرورت پوڻ تي حڪم تي عمل ڪن ٿا۔ مثال طور، مولانا فضل الرحمان جي پارٽي مان محمد احمد جهڙا ماڻهو، يا پي ٽي آءِ جو سيف الله ابڙو — اهي سڀ “پراڪسي” سياست جا اوزار بڻجي ويا آهن،جڏهن ته بلاول ڀٽو جي ٽوئيٽ مان لڳي ٿو ته مرڪز دفاعي بجيٽ لاءِ صوبن کان حصو وٺڻ چاهي ٿو۔اها ڳالهه اڳ ۾ ڪڏهن نه ٿي هئي، ڇو ته اٺارهين ترميم کان پوءِ صوبن جو حصو 45 سيڪڙو کان وڌائي 57.5 سيڪڙو ڪيو ويو هو،پر هاڻي وفاقي حڪومت وٽ ايترو پيسو نه آهي جو هو پنهنجو قرض ۽ دفاعي خرچ پورو ڪري سگهي۔ تنهن ڪري، بحث هلندڙ آهي ته صوبن کي به ان ۾ حصو ڏيڻ تي مجبور ڪيو وڃي،اهي ترميمون سياستدان نه پر فوجي اسٽيبلشمينٽ طئي ڪري رهي آهي، ۽ سياسي پارٽيون رڳو پنهنجي مفادن لاءِ ان تي صحيحون ڪري رهيون آهن،جڏهن ته ايندڙ هفتي ۾ جنرل فيض حميد ۽ عمران خان سان لاڳاپيل ڪيسن جا وڏا فيصلا اچڻ وارا آهن، ان سان گڏوگڏ، نو مئي ڪيس تي به فيصلو اچي سگهي ٿو، جنهن لاءِ ملڪ جي سياسي فضا ۾ اڳواٽ “فيلڊنگ سيٽ” ڪئي وئي آهي،ٻئي پاسي بحريا ٽائون ۽ ملڪ رياض ڪيس ۾ملڪ رياض بابت “وڏي پيش رفت” ٿي سگهي ٿي، ڇو ته هن جي سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ ملاقاتن جا اطلاع مليا آهن۔ ممڪن آهي ته ڪيس ۾ ڪا وڏي ڊيل يا سيٽلميٽ ٿئي۔ “ستائيهون ترميم عوام لاءِ نه، پر طاقتورن لاءِ لکي وئي آهي.”دهشتگردي جا حملا وڌي رهيا آهن، ۽ خطو ٻيهر جنگي صورتحال ڏانهن وڌي رهيو آهي.”ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪ-ڀارت سرحدي ڇڪتاڻ يا محدود جنگ شروع ٿي سگهي ٿي.