سنڌ، جمھوريت ۽ عدليه تي حملو برداشت نه ڪيو ويندو\اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته  سنڌ، جمھوريت ۽ عدليه تي حملو برداشت نه ڪيو ويندو. سنڌ جي وسيلن، پاڻي، درياھ، زمينون، خودمختياري، وحدت، اين ايف سي ايوارڊ جي حصي، سنڌ ڌرتي جي مالڪي واري حق جي خلاف 27 ھين آئيني ترميم جي نالي ۾ حملو ڪيو ويو ته  سنڌ جا ماڻهو مزاحمت ڪندا. اياز لطيف پليجي چيو ته  چور دروازي کان ڪرپٽ حڪمرانو ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو ته  توهان سمجهو ٿا ته  ڇا ڪندا، اسان منظور ڪرائي ڇڏي. ڪابينا ايوانن مان ڀلي ڪريو، منظور ته  توهان ٻٽو نظام بہ ڪري ڇڏيو هو. ٻٽو نظام منظور ڪيو ھو. پيپلزپارٽي ڪراچي جو الڳ ۽ باقي سنڌ جي ضلعن جو ٻيو نظام منظور ڪيو پر ھليو ڪونه. هن چيو ته  مشرف، ايوب خان، يحي خان ويٺو آهي؟ الطاف حسين ڌمڪيون ڏيندو ھو. سنڌي جا ماڻهو پنهنجي عزم ۽ حوصلي سان قائم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.