مانجهند (بابو عمراڻي)سن ۾ ايس يو پي مرڪزي صدر سيد زين شاه جي صدارت ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي رٿيل حيدرآباد م جلسي کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ سن ۽ منظورآباد ۾ ڌار ڌار گڏجاڻيون ٿي گذريون گڏجاڻين ۾ تعلقي مانجهند سان تعلق رکندڙ ايس يو پي ڪارڪنن راڄن جي چڱن مڙسن آبادگارن شاگردن واپارين هارين زميندارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي سيد زين شاه خطاب ڪندي چيو ته پنهنجي وطن جي حفاظت لاءِ سائين جي ايم سيد جي پرامن سياسي جدوجهد جي روشني ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو پيپلز پارٽي جا ڪرپٽ وزير۽ ڪامورا لالچ ۽ خوف ۾ ڪڏهن به حق سچ جي رستي تي نه بيهندا هن چيو ته 27 هين ترميم ذريعي عدالتن مٿان آئيني ڪورٽون آڻڻ جو منصوبو ٺاهي ان تي ريٽائر جج ۽ ڪوبه وڪيل جج مقرر ڪيا ويندا جن جا مدا اسيمبلي جي ميمبرن کان به وڌيڪ هوندا هن وڌيڪ چيو ته عوام جي بالادستي بدران ٺاهيل قانون تحت سرڪاري ملڪيتون معدني وسيلا سمنڊ پاڻي تي قبضو ڪيو ويندو ان موقعي تي سيد منير حيدر شاھ امير علي ٿيٻو خدا بخش ٿيٻو يوسف عمراڻي محمد عمر ابڙو پڻ موجود هئا