27 هين ترميم اشرافيه جي جنگ،عام شهري جي زندگي ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي

اسلام آباد(نصرت جاويد) 27هين آئيني ترميم سان عام شهري جي زندگيءَ ۾ ڪا تبديلي نه ايندي۔اهو صرف طاقتور ادارن (فوج، عدليه، ۽ حڪمران طبقي) جي وچ ۾ طاقت ۽ ڪنٽرول جي نئين ترتيب آهي. جنهن جو عوام سان ڪو تعلق ئي ناهي.27هين ترميم ۾ فوجي ڍانچي ۾ به تبديليون ڪيون ويون آهن۔ جديد دور جي جنگن ۾ “ڊرون، سائبر وار، ۽ نيريٽو وار” شامل آهن، تنهنڪري فوج کي ملٽي ڊائمنشنل حڪمت عملي لاءِ نئون ڍانچو گهربو هو۔اهو معاملو فوج جي اندروني تنظيم سان لاڳاپيل آهي، عوام سان سڌو ڪو تعلق نٿو رکي۔پاڪستان ۾ عدليه جو رويو نئون ناهي۔1954ع ۾ جسٽس منير گورنر جنرل غلام محمد جي اسيمبلي ٽوڙڻ کي “نظريه ضرورت” جي تحت جائز قرار ڏنو۔ان نظريي کي پوءِ ايوب خان، ضياءالحق، ۽ پرويز مشرف سڀ استعمال ڪندا رهيا۔يعني عدليه هميشه طاقتور طبقن جي مددگار رهي آهي۔عدليه عوام کي نه انصاف ڏنو ۽ نه برابري۔”عدليه جي آزادي بابت جيڪي تصور آهن، اهي به حقيقت ۾ “فڪري فريب” آهن،عوامي مسئلا (ٽماٽي جي قيمت، کنڊ جي کوٽ، بيروزگاري) انهن ترميمن سان ڪو لاڳاپو نٿا رکن،عوام جا مسئلا ڪڏهن سپريم ڪورٽ تائين پهتا؟جيڪي به پاڻمرادو نوٽيس ورتا ويا، انهن مان ڪنهن به عام ماڻهوءَ جو ڪو مسئلو حل ٿيو؟“پاڻمرادو نوٽيس” گهڻو ڪري صرف تماشو ثابت ٿيا، نتيجا نه آيا۔27هين ترميم سان وفاقي ۽ صوبائي توازن متاثر ٿيڻ واري ڪا شق ناهي،اهي تبديليون صرف طاقت جي ٻيهر ورڇ بابت آهن  عوامي حقن بابت نه،27هين ترميم عدليه جي خلاف ڪا سازش ناهي، پر طاقتور ادارن جي وچ ۾ اختيارن جي ٻيهر ورڇ آهي۔هي ڪا اصولي يا علمي بحث نه آهي ، اشرافيا جي وچ ۾ آهي ته ڪنٽرول ڪير ڪندو؟پاڪستان ۾ هميشه ”جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو“   ئي محاورو سچ ثابت ٿيو آهي:يعني طاقت هميشه انهن وٽ رهي آهي، جيڪي هٿيار يا اقتدار سنڀالين ٿا،انهن ڳالهين سان نه عوام کي فائدو ٿيندو، نه سسٽم ٺيڪ ٿيندو۔نه حڪومت سڌرڻ چاهي ٿي، نه عدليه پاڻ کي درست ڪرڻ چاهي ٿي،هي رڳو اشرافيا جي جنگ آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.