اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف 27هين ترميم تحت ڏني ويندڙ ڇوٽ جو دفاع ڪندي چيو آهي ته عدليا جي آزادي تي ڪا پابندي نه پيا هڻون ۽ خط لکندڙ جج جي قانون ۽ آئين جي پاسداري جي تاريخ ذاتي طور ڄاڻان ٿو.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته جيڪا ڇوٽ پارليامينٽ ڏئي رهي آهي ان تي اعتراض آهي، خط لکيا پيا وڃن، عدليا جي ري اسٽرڪچرنگ، جنهن ۾ ان جي آزادي تي ڪا پابندي نه پئي لڳائي وڃي، اختيار ڪو ٻيو ادارو نه پيو وٺي.
هن چيو ته جسٽس منير کان وٺي جسٽس نسيم حسن شاهه ۽ جسٽس ارشاد حسن خان ۽ پاناما ججن جيڪي ڏوهه ڪيا هئا، ڇا خط لکندڙن کي پنهنجي اداري جي اها تاريخ ياد ناهي يا انهن کي ويسر جي بيماري آهي.
سندس چوڻ هو ته عدليا نه رڳو ڀٽو کي ڦاهي ڏني پر هر هر آئين جو قتل عام ڪيو، هڪ خط لکندڙ جج جي قانون ۽ آئين جي پاسداري جي تاريخ مان ذاتي طور ڄاڻان ٿو.
You might also like