اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته دهشتگردي جي ناسور تي ڪا سياست نه ٿيندي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته عدالتن تي حملو پاڪستان تي حملو آهي، سڀني فورسز کي خاطري ڪرايان ٿو ته دهشتگردي تي ڪا سياست نه ٿيندي.
هن چيو ته دشمن اسان جي مسجدن ۽ عدالتن تي حملا ڪري رهيو آهي، بم ڪٿي به ڦاٽي، اهو پاڪستان تي حملو آهي، جيئن مئي ۾ دشمن کي شڪست ملي، هاڻ به ائين ئي شڪست ملندي.
You might also like