اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيديم ۾ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺندي چيو آهي ته سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم کي رياستي مهمان جو درجو ڏنو ويو آهي.
پي سي بي طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان موجب، وفاقي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي دوران راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم کي اسٽيٽ گيسٽ جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ مهمان ٽيم جي سيڪيورٽي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
پي سي بي چيئرمين وڌيڪ چيو ته امن ۽ استحڪام سان گڏ رانديون ۽ ٻين سرگرمين کي هٿي ڏيڻ اسان جو گڏيل مقصد آهي.