اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسا چيو آهي ته ڪالهه هن ايوان ۾ ڪاري ڪوٽ وارن لاءِ پرتشدد گفتگو ڪئي وئي، هن وقت اسلام آباد ڪچهري ۾ لاش پيا آهن.
قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي لطيف کوسا سوال اٿاريو ته ڇا ڪالهوڪي شرپسندي سبب اڄ ڪچهري ۾ آپگهاتي حملو ٿيو؟ قائداعظم محمد علي جناح به ڪاري ڪوٽ وارو هو، ڪالهه هڪ وزير چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪئي، ڇا ان تي ڪيس داخل ٿيندو؟
هن وڌيڪ چيو ته فارم 47 جي پيداوار حڪومت عوام جي نمائنده ناهي، ڇا هيءَ حڪومت آئين ۾ ترميم جو اختيار رکي ٿي؟
You might also like