عدليا ۾ ٻاهرين مداخلت هاڻ ڪو راز ناهي، سچ ڳالهائيندڙ جج کي نشانو بڻايو ويندو آهي: جسٽس اطهر جو چيف جسٽس کي خط

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 27هين آئيني ترميم جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله به چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکي ڇڏيو.
جسٽس اطهر من الله خط ۾ لکيو آهي ته سپريم ڪورٽ اڪثر طاقتور سان بيٺي رهي عوام سان نه، ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي ڦاهي عدليه جو ناقابل معافي ڏوهه هو، بينظير ڀٽو، نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف ڪارروائيون به هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون آهن، عمران خان سان ٿيندڙ ورتاءُ به ان ئي جبر جي تسلسل جو حصو آهي.
سپريم ڪورٽ جي جج لکيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي عوامي اعتماد حاصل ڪرڻ تي نشانو بڻايو ويو، بهادر ججن جا خط ۽ اعتراف سپريم ڪورٽ جي ضمير تي بار آهن، اسان سچ ڄاڻون ٿا پر چانهه تي ڪچهرين تائين محدود آهيون.
جسٽس اطهر من الله لکيو آهي ته ٻاهرين مداخلت هاڻ ڪو راز ناهي، هڪ کليل حقيقت آهي ۽ جيڪو جج سچ ڳالهائيندو آهي ان کي انتقام جو نشانو بڻايو ويندو آهي، جيڪو جج ناهي جهڪندو، ان خلاف احتساب جو هٿيار استعمال ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.