اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير حنيف عباسي پي ٽي آءِ کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن انهن رويو تبديل نه ڪيو ته ائين نه ٿئي جو انهن جي ليڊر جي وقت کان اڳ ئي فاتحه پڙهي وڃي.
قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي حنيف عباسي فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان 78 ورهين جي تاريخ ۾ اڄ جيڪو مقام حاصل ڪيو آهي، ان جو مثال نٿو ملي.
هن واضح ڪيو ته ملڪي مفاد سڀني کان مٿي آهي ۽ ملڪ مخالف عنصرن کي پاڪستان ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، اسان افغان پناهگيرن جي ڏهاڪن تائين ميزباني ڪئي پر جيڪي پاڪستان جي خلاف آهن، انهن سان دشمن جيان پيش اينداسين.
وفاقي وزير پي ٽي آءِ قيادت کي وارننگ ڏيندي چيو ته انهن جا بيان ۽ قدم ملڪ جي مفاد جي خلاف وڃي سگهن ٿا، پارٽي جو ليڊر عدالت جي منظوري کانسواءِ ٻاهر نه ايندو، جيڪڏهن انهن رويو تبديل نه ڪيو ته نتيجا سنگين ٿي سگهن ٿا.
ائين نه ٿئي ته توهان جي ليڊر جي وقت کان اڳ ئي فاتحه پڙهي وڃي: حنيف عباسي جي پي ٽي آءِ کي تنبيهه
You might also like