اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ٻاهران آپگهاتي حملي جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي.
جاچ ادارن آپگهاتي حملي جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آپگهاتي بمبار باجوڙ ۾ ترسيل هو.
رپورٽ موجب، آپگهاتي بمبار جمعي جي ڏينهن اسلام آباد پهتو، هو پيرو وڍائي کان موٽر سائيڪل تي جي اليون ڪورٽ آيو، کيس لوئي ويڙهيل هئي.
ٻئي پاسي آءِ جي اسلام آباد چيو آهي ته ڌماڪي ۾ اٺ ڪلوگرام تائين بارودي مواد ۽ بال بيرنگز استعمال ڪيا ويا، في الحال گڏ ڪيل ثبوت موجب آپگهاتي بمبار اڪيلو هو.
آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ هو ته هڪ موٽر سائيڪل ۽ گاڏي شڪي سمجهيا پيا وڃن، ڪئميرائن جي بيڪ ٽريڪنگ ذريعي ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته فارنزڪ، سي ٽي ڊي، انويسٽيگيشن، سيف سٽي ۽ حساس ادارا ثبوتن جو جائزو وٺي رهيا آهن.
Prev Post
You might also like