لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاداب خان جي ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ واپسيءَ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، سليڪشن ڪميٽي ۽ مائيڪ هيسن شاداب خان کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پلان کان اڳ ٽيم ۾ واپس آڻڻ چاهين ٿا.
ذريعن چوڻ آهي ته شاداب خان جي فٽنيس بابت ميڊيڪل پينل ۽ فيزيو مطمئن آهن، هو تيزي سان ريڪور ۽ مڪمل بالنگ اسپيل پڻ ڪري رهيو آهي.
شاداب خان گذريل ڏينهن نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ ٽريننگ پڻ ڪئي هئي.
You might also like