راشد خان طرفان ٻي شادي جي تصديق، تصويرون به جاري ڪري ڇڏيائين

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان راشد خان پنهنجي ٻي شادي جي تصديق ڪري ڇڏي.
ويجهڙ ۾ راشد خان سان گڏ موجود عورتون جون تصويرون مختلف سوشل ميديا تي وائرل ٿيون، جنهن کانپوءِ ڪرڪيٽر انسٽاگرام اڪائونٽ تي پاڻ ئي پنهنجي شادي جو اعلان ڪيو .
راشد خان چيو ته ”مان 2 آگسٽ 2025ع تي زندگي جو هڪ نئون سفر شروع ڪيو آهي، مان هڪ اهڙي عورت سان نڪاح ڪيو آهي جيڪا محبت جو مثال آهي.“
هن چيو ته ” مان ويجهڙائي ۾ پنهنجي گهرواري سان هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ بدقسمتي سان اهڙي سادي ڳالهه تي واويلا شروع ڪئي وئي، جڏهن ته حقيقت اِها آهي هوءَ منهنجي زال آهي ۽ اسان ڪجهه به لڪائڻ نٿا چاهيون.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته راشد خان جي ٻي زال افغان ڄائي ۽ پرڏيهه ۾ رهي ٿي، جڏهن ته ڪرڪيٽر پنهنجي پهرين شادي بابت ڪنهن به قسم جو تبصرو ناهي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.