ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ آپگهاتي حملي کانپوءِ سنڌ ۾ پوليس کي الرٽ رهڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيسن ڪورٽ ۾ آپگهاتي حملي کانپوءِ صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار صوبي ۾ پوليس کي ايندڙ حڪم تائين الرٽ رهڻ جو آرڊر جاري ڪيو آهي.
گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب ضياءُ الحسن لنجار حڪم ڏنو آهي ته صوبي ۾ اندروني ۽ ٻاهرين پوائنٽن، اهم شاهراهن ۽ روڊن تي چيڪنگ ۽ نگراني وڌيڪ سخت ڪئي وڃي.
واضح رهي ته اڱاري ڏينهن اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ٻاهران ٿيل حملي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.
You might also like