اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ٻاهران ٿيل آپگهاتي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ اسلام آباد ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ ڀارتي اسپانسرڊ فتنه الخوارج جي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
شهباز شريف چيو ته ”مون سوڌو پوري قوم جون سموريون همدرديون شهيدن جي پونيئرن سان آهن، زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان ۽ اختيارين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.“
وزيراعظم چيو ته ڀارتي دهشتگرد پراڪسيز طرفان پاڪستان جي معصوم، هٿين خالي شهرين تي دهشتگرد حملن جي مذمت ڪيون ٿا، واقعي جي جاچ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ذميوارن کي انجام تائين پهچايو ويندو.
سندس چوڻ هو ته افغانستان مان ڪارروائي ڪندي فتنه الخوارج وانا ۾ معصوم ٻارن تي به حملو ڪيو، ڀارتي پٺڀرائي ۽ افغان سرزمين تان جاري حملن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، هٿين خالي معصوم پاڪستانين جون قربانيون رائيگان نه وينديون.
You might also like