ڪنهن به شخص کي عدالتي ڇوٽ غير شرعي آهي:حافظ نعيم

لاهور (بيورو)  جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پاڪستان جو نظام الله جي حاڪميت تي قائم ٿيڻ گهرجي. هن 27 هين ترميم کي رد ڪندي چيو ته ڪنهن به شخص کي عدالتي ڇوٽ غير شرعي آهي. حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي قيام کان 78 سال گذري ويا آهن، پر ملڪ جو رياستي نظام قائداعظم ۽ پاڪستان جي بانين جي نظرياتي رخ تي ناهي هليو. هن چيو ته پاڪستان اسلام جي منصفاڻي نظام لاءِ قربانيون ڏنيون ويون ۽ ان جو مقصد الله جي خودمختياري تي ٻڌل نظام جو قيام آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.