اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي سينيٽر راڻا ثناءُالله چيو آهي ته فيلڊ مارشل کي ڇوٽ ڏيڻ سان آرٽيڪل 6 ختم نٿو ٿئي. پارليامينٽ هائوس م ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته آرٽيڪل 248 ۾ ترميم قومي هيروز ۽ آئيني عهدو رکندڙن جي ساراهه آهي، هڪ شخص کي قومي هيرو جو درجو ڏئي واپس وٺڻ وارو مذاق نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته قومي هيروز جي اعزاز جي واپسي کي آرٽيڪل 47 تحت ان عمل مان گذاريو ويو آهي، صدر پاڪستان ۽ قومي هيروز تي آرٽيڪل 6 ڪيئن لڳي سگهي ٿو؟ اها معاملي کي الجهائڻ واري ڳالهه آهي.