آئيني ترميمون ن ليگ ۽ پ پ کي ئي ڳچيءَ ۾ پونديون؟

لاهور (امداد سومرو) پاڪستان ۾ متعارف ڪرايل 27هين ۽ 28هين آئيني ترميم رڳو آئيني ارتقا نه پر هڪ سوچيل سمجهيل سياسي منصوبي جو حصو قرار ڏني پئي وڃي، جنهن جو مقصد سياسي عمل کي محدود ڪرڻ ۽ طاقت جي توازن کي مخصوص رخ ڏانهن موڙڻ آهي. اهي قدم هڪ اهڙي خطرناڪ سياسي خلا کي جنم ڏئي رهيا آهن، جيڪو ماضي جيان عوامي تحريڪن سان ڀرجي سگهي ٿو، جيئن خيبر پختونخوا ۾ پشتون تحفظ موومينٽ ۽ بلوچستان ۾ ماهه رنگ بلوچ جهڙن عوامي ڪردارن جو اڀرڻ ان ڳالهه جي واضح مثال آهي. مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي، جيڪي انهن ترميمن جي مرڪزي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن، شايد پنهنجو ئي مستقبل غير يقيني بڻائي رهيون آهن. اهي پارٽيون سمجهن ٿيون ته هو پنهنجو اقتدار وڌيڪ مستحڪم ڪري رهيون آهن، پر حقيقت ۾ هو هڪ اهڙو سياسي جمود پيدا ڪري رهيون آهن، جيڪو آخرڪار انهن جي ئي وجود لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. سياسي عمل هڪ فطري قوت آهي جنهن کي مصنوعي طور روڪي نٿو سگهجي. اهو هڪ درياهه آهي جنهن جي وهڪري کي روڪڻ جي ڪوشش آخرڪار بند ٽوڙي ڇڏيندي آهي. بلڪل اهڙي طرح جڏهن سياسي پارٽين جي وچ ۾ قدرتي توازن ختم ڪيو ويندو آهي ۽ مخالف ڌر کي غير مؤثر بڻايو ويندو آهي ته هڪ نئون ۽ غير امڪاني عوامي ڌارو جنم وٺي ٿو. خيبر پختونخوا ۾ جڏهن تحريڪ انصاف جي خلاف سياسي مزاحمت کي ختم ڪيو ويو ته پشتون تحفظ موومينٽ ان خلا کي ڀري ڇڏيو، ۽ بلوچستان ۾ جڏهن اختر مينگل، ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ۽ ثناءُالله بلوچ جهڙا سياسي اڳواڻ نظرانداز ڪيا ويا ته عوامي احتجاج جي نئين لهر سامهون آئي، جنهن جي علامت ماهه رنگ بلوچ بڻي. تحريڪ انصاف ناڪام سياسي پارٽي آهي، اها اثرائتي اپوزيشن نه بڻجي سگهي، پر چونڊن ۾ دير ۽ دٻاءَ جي پاليسي ان جي مقبوليت ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. خوف جي عمر ڊگهي نه هوندي ۽ مسلسل دٻاءُ عوام ۾ مزاحمت ۽ عزم پيدا ڪندو آهي. مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جيڪڏهن سمجهن ٿيون ته اقتدار جو تسلسل ڪنهن هڪ طاقتور شخصيت جي مرضيءَ سان ممڪن آهي ته اها سندن وڏي غلط فهمي آهي، ڇو ته سياست ڪڏهن به خلا برداشت نٿي ڪري ۽ جڏهن خلا پيدا ٿيندو آهي ته ڪا ٻي عوامي قوت ضرور اٿي بيهندي آهي. جيتوڻيڪ پارليامينٽ کي آئيني ترميمن جو حق حاصل آهي، پر انهن ترميمن جي نوعيت ۽ رفتار اهو تقاضو ڪن ٿيون ته مستقبل جي ڪا چونڊيل پارليامينٽ 2 ڀاڱي ٽي اڪثريت سان انهن تبديلين جو جائزو وٺي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.