لاڙڪاڻو : سارين جي گهٽ اگهه ۽ زراعت جي وڌندڙ خرچن خلاف آبادگارن لاڙڪاڻي ۾ زراعت واري صوبائي وزير جي آمد موقعي تي سخت احتجاج ڪيو. صوبائي وزير ڪڻڪ جي امدادي رقم ورهائڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتو ته وڏي انگ ۾ آبادگارن سندس گاڏي اڳيان اچي احتجاجي نعريبازي ڪئي. آبادگارن پاران ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي دوائن جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ باوجود سارين جو سرڪاري اگهه گهٽ رکڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو. آبادگارن وزير سان سوال ڪيو ته "جڏهن هر شي مهانگي آهي ته پوءِ اسان جي فصل جو اگهه ڇو نه وڌايو وڃي احتجاج ڪندڙ آبادگارن جو چوڻ هو ته سارين جو موجوده اگهه انهن جي محنت، خرچ ۽ مارڪيٽ جي حالتن موجب ناڪافي آهي، جنهن سبب هزارين آبادگار شديد معاشي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.صوبائي وزير احتجاج ڪندڙن جا مسئلا ٻڌا پر سارين جو اگهه وڌائڻ بابت واضع اعلان ڪرڻ کان پاسو ڪيو ۽ صرف معاملو وزيراعليٰ ۽ ڪابينا سان صلاح مشوري کان پوءِ ڏسنداسين واري جملن سان جان ڇڏائي ورتي آبادگارن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن فوري طور تي سارين جو سرڪاري اگهه نه وڌايو ويو ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مرحليوار احتجاج ۽ ضلعن جي هيڊڪوارٽرن آڏو ڌرڻا ڏنا ويندا. آبادگارن مطالبو ڪيو ته زرعي خرچن جو جائزو وٺي سارين جو اگهه حقيقي لاڳت موجب مقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ پيداوار ۽ زرعي شعبي کي شديد نقصان جي خطري جو امڪان آهي۔