سيلينا جيٽليءَ جو فوجي ڀاءُ يو اَي اِي ۾ گرفتار، اداڪارا جو بيان به سامهون اچي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا سيلينا جيٽلي پنهنجي ڀاءُ ميجر (رٽائرڊ) وڪرانت جيٽلي لاءِ جذباتي پوسٽ شيئر ڪئي آهي، جيڪو 2024ع کان گڏيل عرب امارتن ۾ قيد آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اداڪارا فوٽو شيئر ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي ڀاءُ ميجر (رٽائرڊ) وڪرانت جيٽلي لاءِ جذباتي پيغام شيئر ڪيو.
سيلينا جيٽليءَ لکيو ته ”منهنجا ڊمپي! اميد ته تون ٺيڪ هوندين، تون ڄاڻين ٿو ته مان تنهنجي لاءِ هڪ پٿر جيان اڏول بيٺي آهيان، اميد آهي، هر رات توکي روئي ساريو اَٿم، تون ڄاڻين ٿو ته مان تنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏينديس، تون سمجهي سگهين ٿو ته اسان جي وچ ۾ ڪو نه ٿو اچي سگهي ٿو، مان کوڙ ڪوششون ڪيون، مان پراميد آهيان ته خدا نيٺ اسان ٻنهي تي مهربان ٿيندو، منهنجا ڀاءُ! مان تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهيان.“
اداڪارا طرفان اِها پوسٽ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن دهلي هاءِ ڪورٽ مرڪزي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي چئن هفتن اندر وڪرانت جيٽلي جي صورتحال تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اداڪارا عدالت کان قانوني ۽ طبي مدد فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.
هاءِ ڪورٽ هڪ آفيسر جي مقرري جي به هدايت ڪئي ته جيئن ميجر وڪرانت جيٽلي جي صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ۽ کيس کي مناسب مدد فراهم ڪئي وڃي.
سيلينا پنهنجي ڀاءُ بابت هڪ ٻي پوسٽ ۾ چيو ته هو حڪومت تي اعتماد ڪري ٿي ۽ اميد آهي ته سندس ڀاءُ محفوظ طريقي سان واپس ايندو.
هن وڌيڪ چيو ته وڪرانت جيٽلي چوٿين نسل جو فوجي آهي، جنهن پنهنجي جواني ملڪ جي خدمت ۾ گذاري آهي، ڪيس وڌيڪ ٻڌڻي 4 ڊسمبر تي ٿيڻ امڪان آهي.
سيلينا جيٽلي جي نمائندگي وڪيل راگھو ڪڪڙ ۽ مازو اگروال ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.