وڃ…! ڪتاب جيترو ” سُپر ڪمپيوٽر“ ، ههڙيون سهولتون ڪڏهن نه ٻڌيون

جڏهن سپر ڪمپيوٽرز بابت ۾ سوچيو وڃي ٿو ته ذهن ۾ هڪ تمام وڏي مشين جو خيال ايندو آهي، جنهن تي ڪيئي ايل اي ڊيز سان جڳمڳائينديون آهن.
مثال طور، پهرين ”ڪَري“ سپر ڪمپيوٽر ۾ استعمال ٿيندڙ وائرن جي ڊيگهه 60 ميل هئي ۽ ان کي هلائڻ لاءِ 10 گهرن جي برابر توانائي گهربل هوندي هئي.
ان جو وزن به 5 ٽن کان وڌيڪ هو ۽ ان جي ڪنهن جاءِ فٽ ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال جو وقت گهربل هوندو هو.
پر هاڻي دنيا جو سڀ کان ننڍو سپر ڪمپيوٽر تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جي سائيز هڪ ڪتاب جيتري آهي.
آمريڪا جي اينوڊيا ڪمپني جو تيار ڪيل ڊي جي ايڪس اسپارڪ نالي سپر ڪمپيوٽر جنهن جي ماليت چار هزار ڊالر آهي ۽ اِهو ڪمپني طرفان ٽيسلا جي چيف ايگزيڪيوٽو ايلون مسڪ کي ڏنو ويو آهي.
هن سپر ڪمپيوٽر ۾ 128 جي بي يونيفائيڊ ريم (سي پي يو ۽ جي پي يو لاءِ) ۽ اينوڊيا ڪنڪٽ ايڪس نيٽ ورڪنگ جهڙا فيچرز موجود آهن.
ان جي اندر ڪمپني جي بليڪ ويل سپر چپ پٽافلاپ پرفارمنس فراهم ڪري ٿي.
ان جو وزن هڪ ڪلو کان ٿورو سوايو آهي، جڏهن ته اهو ڪمپني جي ڊي جي ايڪس آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪري ٿو.
ان جي پونئن حصي تي 4 يو ايس بي-سي پورٽس، هڪ ايڇ ڊي ايم آءِ پورٽ، هڪ ايٿرنيٽ پورٽ ۽ 2 ڪيو ايس ايف پي پورٽس موجود آهن، اهي پورٽس سرورز، سوئچز ۽ اي آءِ سپر ڪمپيوٽرز ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.