نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي تخت گاهه نئين دهلي ۾ لال قلعي ميٽرو اسٽيشن ڀرسان ڌماڪي ۾ 9 ڄڻا مارجڻ جا اطلاع آهن.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته لال قلعي ميٽرو اسٽيشن جي گيٽ نمبر هڪ ڀرسان هڪ گاڏي ۾ ڌماڪو ٿيو، فوري طور ڌماڪي جي نوعيت معلوم ناهي ٿي سگهي.
اختيارين موجب ڌماڪي کانپوءِ 6 گاڏين ۽ 3 رڪشن ۾ باهه لڳي وئي، جنهن تي ضابطو آندو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ مارجي ويل 9 ڄڻن جا لاش اسپتال پهچايا ويا آهن.
You might also like