نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ ۾ ڪنهن بيٽر طرفان لڳاتار ڇهن بالن تي ڇهه ڇڪا هڻڻ کي دنگ ڪندڙ ڪارنامو ڄاتو ويندو آهي، پر ڀارتي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر آڪاش ڪمار چوڌري ڇهن بدران لڳاتار اٺ ڀيرا بال کي بائونڊري لائين کان ٻاهر اُماڻي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي رياست ميگهاليا جي نمائندگي ڪندڙ آڪاش ڪمار چوڌري رنجي ٽرافي جي پليٽ گروپ ميچ ۾ اروناچل پرديش خلاف جارحاڻي بيٽنگ ڪندي لڳاتار اٺ ڇڪا هنيا ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ تيز ترين ففٽي اسڪور ڪئي.
آڪاش ڪمار رڳو 11 بالن تي 9 منٽن ۾ ففٽي مڪمل ڪئي، هڪ اوور ۾ ڇهه ڇڪا ۽ مجموعي طور تي اٺ لاڳيتا ڇڪا هڻي پنهنجي اڌ سينچري مڪمل ڪئي.
رپورٽن موجب، آڪاش ڪمار چوڌري اٺين نمبر تي بيٽنگ لاءِ آيو، ان موقعي تي سندس ٽيم ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي اڳواٽ ئي 576 رنسون ٺاهي چڪي هئي.
آڪاش بيٽنگ جي شروعات ڊاٽ بال سان ڪئي ۽ ٻه سنگل وٺڻ کان پوءِ اسپنر ليمار دابي جي هڪ اوور ۾ لڳاتار ڇهه ڇڪا هنيا.
اهڙي ريت هو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هڪ اوور ۾ ڇهه ڇڪا هڻندڙ دنيا جو ٽيون رانديگر بڻجي ويو.
واضح رهي ته ان کان اڳ ويسٽ انڊيز جي گارفيلڊ سوبرز 1968ع ۾ ۽ ڀارت جي روي شاستري 1985ع ۾ اهو ڪارنامو سرانجام ڏئي چڪا آهن.
آڪاش ڪمار ٻئي اوور ۾ وڌيڪ ٻه ڇڪا هنيا ۽ 11 بالن تي پنهنجي ففٽي مڪمل ڪندي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين ففٽي جو ورلڊ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
ان کان اڳ تيز ترين ففٽي جو عالمي رڪارڊ اڳوڻي انگريز ڪرڪيٽر وائين وائيٽ وٽ هو، جنهن 2012ع ۾ اسيڪس خلاف 12 بالن تي ففٽي اسڪور ڪئي هئي.
آڪاش ڪمار جارحاڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور 629 تائين پهچايو، جنهن کان پوءِ ميگهاليا اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي.
آڪاش ڪمار چوڌري 14 بالن تي 50 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته سندس اننگز ۾ هڪ به چوڪو شامل نه هو.
Next Post
You might also like