اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن مختلف ڪارروائين دوران فنته الخوارج جي 20 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، 8 ۽ 9 نومبر تي خيبرپختونخوا ۾ ٻه ڌار ڌار آپريشن ڪيا ويا، جنهن دوران ڀارتي اسپانسرڊ فتنه الخوارج جا ويهه دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ دهشگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، شوال ۾ ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز فتنه الخوارج جي ٿاڪن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو، جنهن نتيجي ۾ ڀارتي نواز 8 دهشتگرد ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هڪ هڪ ٻئي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دره آدم خيل واري علائقي ۾ ڪيو ويو، جتي شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ فتنه الخوارج جا وڌيڪ 12 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، ڀارتي حمايت يافتا دهشتگرد جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس ۽ سينيٽائيزيشن آپريشنز جاري آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ” عزم استحڪام“ تحت دهشتگردي جي خاتمي واري مهم جاري رهندي، ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.
You might also like