ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا آمنه ملڪ انڪشاف ڪيو آهي ته هن جِنن سان ڳالهه ٻولهه ڪري پنهنجون گم ٿيل شيون واپس ورتيون.
اداڪارا آمنه ملڪ ويجهڙ ۾ خانگي ٽي وي جي پروگرام۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف ۽ دلچسپ موضوعن تي ڳالهيون ڪيون.
شو دوران آمنه ملڪ هڪ انوکو قصو ٻڌائيندي چيو ته ”هڪ ڀيري منهنجي پنهنجي گهر مان پئسا گم ٿي ويا، ان کان اڳ به روز ڪا نه ڪا شيءِ جهڙوڪ زيور يا شرٽ گم ٿي ويندي هئي. پهرين مون کي گهرو ملازمه تي شڪ ٿيو ، پر مان غلط هيس.“
سندس چوڻ هو ته ان کانپوءِ ڪنهن کيس ٻڌايو ڪيترن گهرن ۾ جِن گهمندا آهن ۽ ڪجهه جِنن جا ٻار شرارتي هوندا آهن ۽ شيون هيڏي هوڏي ڪري ڇڏيندا آهن، پر جيڪي جِن سٺا هوندا ۽ انهن کي ڳالهائجي تي هو شيون واپس رکي ويندا آهن.“
آمنه ملڪ موجب ”ان کانپوءِ مان پنهنجي گهر ۾ جِنن سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪو به هتي آهي، ننڍو آهي يا وڏو، مهرباني ڪري منهنجون شيون گم نه ڪري، واپس رکو.
هن چيو ته ” ان کانپوءِ ساڳي شام مون جا گم ٿيل پئسا ملي ويا، اهڙي صورتحال ۾ مان ۽ منهنجا ٻار ڊڄي ويا، پر ائين ٿيندو آهي، هاڻي جڏهن به منهنجي ڪا شيءِ گم ٿئي ٿي، مان جِنن سان رابطو ڪندي آهيان.“
You might also like