ليجنڊري اداڪار ڌرميندر جي طبعيت هڪ ڀيرو ٻيهر بگڙي وئي، وينٽيليٽر تي منتقل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار ڌرميندر کي طبيعت بگڙجڻ سبب اسپتال داخل ڪيو ويو ۽ رپورٽن موجب هن وقت کيس وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 89 ورهين جو ليجنڊري اداڪار ڌرميندر ممبئيءَ جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ داخل آهي، جتي کيس وينيٽليٽر تي رکيو ويو آهي.
مختلف ميڊيا رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڌرميندر ڪيترن ڏينهن کان بيمار هو ۽ اڄ صبح حالت خراب ٿيڻ تي کيس آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو.
رپورٽن موجب، اڄ صبح کان ئي ڌرميندر جي ويجهن ماڻهن ۽ گهر ڀاتين جو اسپتال اچ وڃ جو سلسلو جاري آهي، في الحال ديول فيملي ۽ اسپتال انتظاميا طرفان ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو .
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڌرميندر کي گذريل هفتي به ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيڻ تي اسپتال آندو ويو هو، جڏهن ته هلندڙ سال اپريل ۾ سندس اکين جي آپريشن به ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.