اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ 27هين آئيني ترميم تي جسٽس منصور علي شاهه، چيف جسٽس کي خط لکي اپيل ڪئي آهي ته هو عدليا جي سربراهه طور ترت انتظاميا سان رابطو ڪري ۽ واضح ڪري ته آئيني عدالتن جي ججن سان صلاح مشوري کان سواءِ ڪائي ترميم نٿي ٿي سگهي.
پنهنجي خط ۾ جسٽس منصور تجويز ڏني ته آئيني عدالتن جي ججن تي ٻڌل هڪ ڪنوينشن به سڏايو وڃي.
جسٽس منصور خط ۾ چيف جسٽس کي مخاطب ڪندي لکيوآهي ته ” توهان رڳو اداري جا ايڊمنسٽريٽر نه پر گارڊين پڻ آهيو.“
هن لکيو ته ” موجودا صورتحال توهان کان اڳواڻي جي گهر ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته تجويل ڪيل ترميم بابت اعليٰ عدليا سان ڪو به صلاح مشورو ناهي ڪيو ويو.“
جسٽس منصور جي خط جي متن موجب،” مڙني جمهوري نظامن ۾ عدليا سان لاڳاپيل قانونسازي وقت عدليا سان مشاورت ڪئي ويندي آهي.“
خط ۾ اهو به چيو ويو ته ”ڇا هڪ نئين آئيني ترميم ان وقت ٿي سگهي ٿي، جڏهن گذريل آئيني ترميم عدالت ۾ چئلينج ٿيل هجي؟“
هن لکيو ته ” جيستائين 26هين آئيني ترميم تي سوال باقي آهن، تيستائين نئين آئيني ترميم مناسب ناهي.
جسٽس منصور جي راءِ موجب ” وفاقي آئيني عدالت جي جوڙ جڪ جو جواز انصاف واري نظام ۾ رولڙي جو شڪار ڪيس ڄاڻايو ويو آهي.“
جسٽس منصور چيو ته ” چيو پيو وڃي ته وفاقي آئيني عدالت جي قيام سان ٻڌڻي هيٺ ڪيسن ۾ گهٽتائي ايندي، جڏهن ته گهڻي ڀاڱي رولڙي جو شڪار ڪيس ڊسٽرڪٽ ڪورٽس جي سطح تي آهن، سپريم ڪورٽ ۾ نه.“
سندس چوڻ هوته ” اِها دعويٰ پڻ غلط آهي ته هڪ ڌار آئيني عدالت جو قيام اڻٽر آهي.“
جسٽس منصور شاهه موجب،” آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، جپان ۽ برطانيا ۾ هڪ ئي سپريم ڪورٽ آهي. ميثاقِ جمهوريت ۾ محدود وقت، يعني رڳو ڇهن سالن لاءِ آئيني عدالت جي قيام جو چيو ويو هو.“
هن خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته ” ميثاقِ جمهوريت ۾ آئيني عدالت جي قيام جو مطالبو هڪ خاص سياسي پس منظر تحت ڪيو ويو هو.“
”ميثاقِ جمهوريت ۾ محدود وقت لاءِ آئيني عدالتن جي قيام جو ذڪر هو“، جسٽس منصور جو ستاويهين ترميم تي چيف جسٽس کي خط
You might also like