ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف سليڪٽر ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر اسدالله خان آسٽريلوي بورڊ ( ڪرڪيٽ آسٽريليا ) تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
افغان چيف سليڪٽر اسدالله خان هڪ بيان ۾ چيو ته ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان گڏيل سيريز نه کيڏڻ ”اسپرٽ آف دي گيم“ جي ڀڃڪڙي آهي، افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم کي غير منصفاڻي نموني نشانو بڻايو پيو وڃي.
هن چيو ته ويجهڙائيءَ ۾ افغان ٽيم ايليٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي ڪارڪردگيءَ ذريعي مقام حاصل ڪيو آهي، افغان وومين ٽيم گذريل ڪجهه سالن دوران ميچون ناهن کيڏيون، تبديلي ۾ ڪجهه وقت لڳندو.
اسدالله خان جو چوڻ هو ته افغانستان ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ڪاميابي ميرٽ جي بنياد تي حاصل ڪئي آهي، ٽيم کي ڪاميابي فيورٽ ازم يا چيريٽي جي ڪري نه ملي آهي، ڪرڪيٽ آسٽريليا ۽ ٻيا بورڊ ڪرڪيٽ کي سياست سان ڳنڍي رهيا آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته ”جينٽليمن گيم“ لاءِ اهو سٺو سنئوڻ ناهي.
ياد رهي ته طالبان طرفان سيپٽمبر 2021ع ۾ اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ آسٽريليا افغانستان سان ڪا به ٻه طرفي سيريز ناهي کيڏي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا پهريون ڀيرو نومبر 2021ع ۾ هوبارٽ ۾ شيڊيول واحد ٽيسٽ ميچ رد ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ مارچ 2023ع ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ رٿيل ٽن ون ڊي ميچن واري سيريز به رد ڪئي وئي هئي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جو موقف آهي ته طالبان حڪومت طرفان عورتن کي راندين ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ کانپوءِ هو افغانستان خلاف ڪا به ٻه طرفي سيريز نٿا کيڏي سگهن.
ڪجهه بورڊ ڪرڪيٽ تي سياست پيا ڪن، آسٽريليا سيريز نه کيڏي راند جي ساک متاثر ڪئي: افغان چيف سليڪٽر
You might also like