ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ سون جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 7400 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 29 هزار 862 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ڏهه گرام سون 6337 رپيا واڌ بعد 3 لک 68 هزار 530 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت 74 ڊالر اضافي سان 4075 ڊالر ٿي وئي آهي.
You might also like