سنڌ جي معاملن تي ڳالهائڻ تي ماڻهو پٺيان ئي پئجي وڃن ٿا:عظميٰ بخاري

لاهور (بيورو) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته  ظهران ممداني جي نيو يارڪ ميئر چونڊجڻ تي سڀ خوش آهن، پر اسان وڌيڪ خوش آهيون، عظميٰ بخاري پنهنجي بيان ۾ چيو ته پيپلز پارٽي چئي رهي آهي ته هن ڪاميابي ۾ انهن جو روٽي، ڪپڙو ۽ مڪان جو به حصو وجهو، هن وڌيڪ چيو ته قاسم گيلاني پنهنجي ٽوئيٽ ۾ روٽي، ڪپڙو ۽ مڪان جو ذڪر ڪري ڇڏيو آهي، پر پهرين هتي اهو ڏين ته پوءِ نيو يارڪ وڃو، سنڌ جي معاملن تي ڳالهايون ٿا ته اوهان پويان ئي پئجي وڃو ٿا، منهنجي خلاف ته اڳ ئي شڪايتون تمام گهڻيون لڳائن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.