اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ اعتزاز احسن 27هين آئيني ترميم جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته سڀني پارٽين کي اها ترميم اهڙي طرح منظور نه ڪرڻ گهرجي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ ترميم جو مسودو ئي موجود نه هو،اڳواڻن کي رڳو ٻڌايو ويو ته 243 فوج جو اندروني معاملو آهي ۽ هڪ آئيني عدالت بڻجي رهي آهي.اعتزاز احسن موجب، هن ترميم جو نقصان انهن ئي ماڻهن کي ٿيندو جيڪي ان مان فائدو حاصل ڪرڻ وارا آهن،ان ترميم تي ڊگهو بحث ٿيڻ گهرجي.