نوشھروفيروز (رپورٽ: ايم ظفر تڳر) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو ھڪ اھم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، امتياز کوسو، سليم جان ڀٽي، اياز راڄپر، ايس يو پي ضلعي اڳواڻ رضا بھڻ ۔شيراز اڄڻ۔خادم سيال ۔مھر وسطڙو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئaي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته اسان ھڪ ڀيرو سنڌ جي مسئلن تي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي کي فعال ڪيو آهي، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي کي نئين سر فعال ڪرڻ جو مقصد سنڌ کي ٽوڙڻ نون يونٽن ٺاھڻ لاءِ قومي اسيمبلي ٺھراءُ پاس ڪيو آھي اھو ڪنھن به صورت ۾ قبول نه آھي، سنڌ جي وسيلن ڌاڙي ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ وڌ ۾ وڌ سخت مزاحمت ڪنداسين، ھي تحريڪ ٻٻرلوءِ ڌرڻي کان به سخت ھوندي سنڌ جي ماڻھن جي وسيلن تي اڳ ۾ ئي وفاق جا قبضا آھن ويتر سنڌ جو اين ايف سي ايوارڊ به وفاق حوالي ڪيو ويو ڪوبه ڊرامو سنڌي ماڻھو قبول نه ڪندا، هن سموري سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته 11 تاريخ تي سموري سنڌ ۾ قومپرستن پاران رٿيل احتجاج رکيا ويا آھن وڌ ۾ وڌ پنھنجي شھرن ۾ گڏ ٿي وفاق کي ميسيج ڏيو ته سنڌي ماڻھو ھڪ آھن ڪوبه ٺڳي جو ٺاهه قبول نه ڪنداسين.