اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي گڏيل ڪميٽي آئين جي آرٽيڪل 243 تي تفصيلي غور کانپوءِ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت ڪميٽي جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومتي اتحادي جماعتن طرفان وڌيڪ 3 ترميمون پيش ڪيون ويون .وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي وزارتِ اعظميٰ جي عهدي لاءِ تجويز ڪيل ڇوٽ جي ترميم واپس وٺي وئي آهي. پارليامينٽ جي گڏيل پارليماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر انوشا رحمٰن ۽ طاهر خليل سنڌو پاران وزیراعظم کي ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي هئي. رپورٽ موجب، پارليامينٽ هائوس ۾ جاري گڏيل پارليماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ وزارتِ اعظميٰ جي عهدي لاءِ تجويز ڪيل ڇوٽ جي ترميم واپس وٺي وئي آهي. ڪميٽي جي چيئرمين فاروق ايڇ نائڪ ان ترميم واپس وٺڻ جي قدم کي ساراهيو. ذريعن موجب تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم جي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل ڊرافٽ تي مشاورت جو عمل مڪمل ڪيو ويو، واڌو ترميمن تي اڄ تائين حتمي فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اي اين پي، بي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجون ترميمون به پيش ڪيون. ذريعن موجب خيبر پختونخواهه جو نالو تبديل ڪرڻ جي اي اين پي جي تجويز تي حڪومت وڌيڪ وقت گهري ورتو، بلوچستان ۾ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون وڌائڻ جي ترميم تي به حڪومت وڌيڪ وقت گهريو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ترميمن تي وڌيڪ غور کانپوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن موجب آئين جي آرٽيڪل 243 تي تفصيلي مشاورت کانپوءِ منظوري ڏني وئي، گڏيل پارلياماني ڪميٽي آئيني عدالتن جي قيام جي شق جي منظوري به ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي فيصلن جو مدو 6 مهينن مان وڌائي هڪ سال ڪرڻ جي ترميم منظور ڪئي وئي، هڪ سال تائين ڪيس جي پيروي نه ٿيڻ تي ان کي اڪليل تصور ڪيو ويندو. وزيرِ قانون اعظم نظير تارڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم ڇوٽ جي ترميم واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي. انهن وڌيڪ چيو ته ٻين عهدن کي جيڪا ڇوٽ ٰ ڏني پئي وڃي، انهن ۾ انتظامي نوعيت ناهي. هن چيو ته هن وقت تائين 80 کان 85 سيڪڙو ترميمن تي مشاورت مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم، اي اين پي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي تجويزن تي غور ڪرڻ باقي آهي.وزيرِ قانون وڌيڪ چيو ته بلوچستان اسيمبلي جي سيٽن ۾ واڌاري بابت تجويز تي اڃا غور ڪرڻو آهي. جے يو آءِ طرفان 3 ڏينهن جو وقت گهرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جيڪو ڏنو نٿو وڃي سگهي. هن چيو ته مخالفت جيڪڏهن ڪرڻي آهي ته ووٽ ذريعي ڪئي وڃي، سياست ذريعي نه. ترميم پيش ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي.